17 اتوار , فروری 2019

سعودي عرب خاشقجي جي قتل بابت سي آءِ اي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي بابت سي آءِ اي جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو.  سعودي عرب جي پرڏيهي وزير عادل الجبير پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سي آءِ اي حقيقت جي ابتڙ پنهنجي رپورٽ ۾ صحافي جي قتل جو حڪم ولي عهد محمد بن سلمان سان منسوب ڪيو آهي، سعودي عرب اهڙن الزامن جي ترديد ڪري ٿو، سي آءِ اي جي رپورٽ کي مڪمل رد ڪريون ٿا. عادل الجبير چيو ته ترڪ صدر جي اهڙي بيان ۾ اعليٰ سطحي مان مراد ولي عهد محمد بن سلمان ناهي.  سعودي پرڏيهي وزير  چيو ته خادمين الشرفين شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان اسان لاءِ ريڊ لائن ۽ محترم آهن، ڪنهن کي به محترم هستين جي تقدس کي لتاڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جو گرفتاري تي نوٽيس….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نيب طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي خيبرپختونخواهه ڊاڪٽر عبدالصمد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے