12 بدھ , دسمبر 2018

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ ڳالهيون جو پهريون دور بنا نتيجي ختم ٿي ويو . پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون گذريل ٻن هفتن کان جاري هيون جنهن ۾ آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان جي مالي مدد لاءِ سخت شرطون سامهون آيون. رپورٽن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور بنا نتيجي ختم ٿي ويو جنهن کانپوءِ ٻئي دور لاءِ آءِ ايم ايف جو  وفد ٻيهر پاڪستان ايندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان پراميد آهن ۽ ايندڙ سال 15 جنوري کان اڳ ڪنهن نتيجي تي پهچندا. ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف جا ڪجهه مطالبا مڃڻ کان معذرت ڪئي آهي جنهن ۾ رپئي جي قيمت ۾ ڪمي، ٽيڪسن جي شرح وڌائڻ ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. ذريعن ڄاڻايو ته آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان سان 20 کان 22 سيڪڙو تائين بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو ويو جنهن تي پاڪستان معذرت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان چين کان مالي مدد جا تفصيل فراهم ڪرڻ کان پڻ معذرت ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته اسان جون ڪجهه حدون آهن جن کي اورانگهي نٿا سگهون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے