15 ہفتہ , دسمبر 2018

گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي سڀ کان پهريان گهر فراهم ڪيا ويندا: محمود الرشيد

لوڌران (ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي هائوسنگ واري وزير محمد الرشيد چيو آهي ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي سڀ کان اڳ گهر فراهم ڪيا ويندا. نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت لوڌران ۾ 3 ۽ 5 مرله جا 800 پلاٽ ڏنا ويندا. تفصيل موجب پنجاب جي هائوسنگ واري وزير محمود الرشيد ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين لوڌران ۾ پنهنجو گهر هائوسنگ اسڪيم جي مخصوص ايراضي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي محمود الرشيد جو چوڻ هو ته عمران خان جي خواب کي ساڀيان جو روپ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي سڀ کان اڳ گهر فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته اسڪيم ۾ 3 ۽ 5 مرله جا 800 پلاٽ ڏنا ويندا. پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جوڙي رهيا آهيون، اسان جو ڪم مانيٽرنگ جو هوندو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جو چوڻ هوته لوڌران ۾ هائوسنگ اسڪيم عمران خان جو بهترين تحفو آهي. ڏکڻ پنجاب صوبي جي حوالي سان ڪم ڪري ڪري رهيا آهيون. ايندڙ مالي سال جي شروعات ۾ ملتان ۾ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ بڻائينداسين. جهانگير ترين جو چوڻ هوته ڏکڻ پنجاب جي عوام کي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ  لاهور نه وڃڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين منهنجو موقف سامهون رکيو آهي. آءِ ايم ايف جون شرطون گهڻيو آهن، عوام تي بار نه وجهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے