23 ہفتہ , فروری 2019

پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڪراچي کان پشاور تائين ٽريڪ جي اپ گريڊيشن جو معاهدو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڪراچي کان پشاور جي وچ ۾ ريلوي ٽريڪ جي اپ گريڊيشن جو معاهدو طئي ٿي ويو. لاهور ۾ پاڪستان ريلوي جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاهدي تي صحيح ٿي. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي جي دوستي تي ڀروسو ڪندا آهن، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ريلوي جي شعبي ۾ سهڪار خوشي ڏيندڙ آهي، پاڪستان ۾ ريل سروس گهڻو پوئتي رهجي وئي آهي، اسان ان کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. هن ٻڌايو ته 23 نومبر تي وزير اعظم چار ٽرينن جو افتتاح ڪندو ۽ وزير اعظم لاهور هيڊ ڪوارٽرز جي دوري جي دعوت به قبول ڪئي آهي. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته منهنجو خواب پورو ٿي رهيو آهي، 15 سال پهرين ان منصوبي جو سوچيو هو، اسان جي 1700 ڪلو ميٽر ٽريڪ جي پٽڙي اڄ به ويران پيل آهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف وقت جي ضرورت آهي، پنهنجي ضرورتن موجب آءِ ايم ايف جي ضرورت آهي، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ واري ڪڙي گوري کائڻي پوندي. شيخ رشيد اعلان ڪيو ته 11 ڊسمبر تي ريلوي ۾ 10 هزار ملازمتن جو اشتهار ڏنو پيو وڃي، زندهه رهيس ته هڪ لک ملازم ڏئي ويندس. ريلوي واري وزير اڳوڻي صدر کي هدف جو نشانو بڻائيندي چيو ته زرداري ڪميشن نه کاڌي هجي ها ته ته اڄ ريلوي جو کاتو ڪٿان کان ڪٿي پهچي چڪو هجي ها، مون کي خطرو آهي ته زرداري ڪٿي بلاول جي سياست به نه ٻوڙي، ايندڙ وقت ۾ زرداري ۽ بلاول جي ساست جا رستا الڳ نظر ايندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جو لائن آف ڪنٽرول جو دورو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪري پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے