*قاضي احمد شھر ۾ وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، ڪيترائي سفيد پوش گھراڻن جا نوجوان وياج جي ڏوڪڙن ۾ وڪوڙجي وڃڻ بعد منشيات جا عادي بڻجي ويا .
وياج جي وڌندڙ وبا خلاف دانھيندي شير محمد ڪالوني جي رھواسي خادم حسين ڌاريجي ٻڌايو ته ھڪ سال اڳ هن الطاف جتوئي کان پنجاھ ھزار ورتا ھئا جيڪي وياج سميت ھڪ لک پنج ھزار ڏيڻ باوجود تنگ ڪري رھيو آھي .
هن ٻڌايو ته بااثر وياجي گذريل ڏينھن رات جو سندس در تي اچي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته پئسا واپس ڪر ٻي صورت ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو.
هن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان گهر ڪئي ته وياجي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…