10 پیر , دسمبر 2018

رپورٽ : ميرپور ماٿيلو: ايف ايف سي ٿري ڀاڻ فيڪٽري جي انتظاميه پاران مزدورن سان زيادتيون جاري

*ميرپور ماٿيلي ۾  ايف ايف سي ٿري ڀاڻ فيڪٽري جي انتظاميه پاران مزدورن سان زيادتيون جاري آهن۽ ايف ايف سي انتظاميه پنهنجي هوڏ تي اڃان تائين قائم آهي.

 بيگنگ ۽ لوڊنگ جي مزدورن  ايف ايف سي مزدور يونين جي اڳواڻي ۾ ڀاڻ فيڪٽري جي مک گيٽ آڏو  12 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻوهنيو. ۽ بک هڙتال پڻ ڪئي.

 ان موقعي تي ڀاڻ فيڪٽري جي مزدورن سان اظهار يڪجهتي طور ايم پي اي  مير شهريار  شر پهچي مزدورن سان همدردي جو اظهار ڪيو .

 ان موقعي تي ايم پي اي مير شهريار  شر مزدورن سان  همدردي جو ظهار ڪندي چيو ته مزدورن جا جائز مسئلا آهن، ۽ ان حوالي سان مزدورن جي ان مسئلي بابت سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريندس.

ان موقعي تي مزدور اڳواڻن عبدالمجيد سميجو، عبدالحق کٽياڻ، منور علي سيال، امين مهر، ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري مزدورن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي  آهي.

 هنن چيو ته  فيڪٽري انتظاميه مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران  غير مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪري رهي آهي .

 هنن چيو ته ايف ايف سي انتظاميه مزدورن جا جائز مطالبا تسليم ڪرڻ بدران ملازمن سان ويڌن ڪري رهي آهي.

 هنن چيو ته سپريم ڪورٽ پاران مزدورن کي پڪو ڪرڻ جو نوٽيفيڪشن جاري ڪرڻ جي باوجود ايف ايف سي انتظاميه ان تي عمل ڪرڻ بدران مزدورن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ پلان تيار ڪري رهي آهي

مزدورن چيو ته   جيڪڏهن سندن  جائز مطالبه تسليم نه ڪيا ويا، ته ڊي سي آفيس اڳيان نيشنل هائي وي بند ڪيو ويندو …………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: وائيس فار مسنگ پرسنس سنڌ پاران ملير کان ٻن ڏينهن وارو مارچ شروع، رستا روڪ

انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے