14 جمعہ , دسمبر 2018

رپورٽ : ڪشمور: وردگ ٽول عملي جو ڊرائيورن سان جهيڙو

ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر  45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي وردگ پمپ وٽ ھڪ ٻيو ٽول پلازا قائم ٿيڻ بعد گاڏي ڊرائيورن ۽ ٽول پلازا انتظاميا ۾ جھيڙو ٿيڻ کانپوءِ  انڊس ھاءِ وي  ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويوـ، انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ ٽرالر  ڊرائيورن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو .

ڪشمور ٽول پلازا تي ٽرڪ  ۽ ٽرالر ڊرائيورن ۽ ٽول پلازا عملدارن ۾ ٽول ٽيڪس تي جھيڙي سبب گاڏيون   بيهجڻ سبب مسافر سخت پريشان  ٿي ويا آهن.

ٽيڪس نه ڏيڻ تان جهيڙي دوران  لٺيون ھڻي لڳڻ سبب  ٽرڪ ٽرالر جا شيشا ڀڄي پيا.

ڪشمور پوليس پھچي روڊ کولرايو ، جنهن بعد گاڏيون  روان دوان ٿي ويون .

 ڊرائيورن  دانھيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ ٽول ٽيڪس ڏني آهي ، 45 ڪلوميٽر تي پھچڻ  بعد وري  ٽيڪس ورتي پئي وڃي ، جيڪا غير قانوني آهي .

ڊرائيورن ايس ايس پي ڪشمور  کان مطالبو ڪيو آهي ته غيرقانوني ٽول پلازا عملي  خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي . طرف ٽول ٽيڪس تي مقرر عملدارن چيو ته ٽرڪ ٽرالر ڊرائيور ٽول ٽيڪس نٿا ڏين جنهن تي روزانو جھيڙو  ٿئي ٿو …….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج

ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج ڪيو غلام الله چانگ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے