13 جمعرات , دسمبر 2018

رپورٽ : سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي عورتن جي خودمختياري سان مشروط آهي: جلال شاهه

ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه  چيو آهي ته سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي عورتن جي خودمختياري سان مشروط آهي ، عورتن کي سياسي ،سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ حصيدار بڻجڻو پوندو.

 سن ۾پارٽي جي عورت ونگ جي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ايس يو پي ۾ عورتن جي حصيدار کي يقيني بنائڻ جي لاءِ اهو ضروري ٿو سمجهيو وڃي ته عورتن جي سياسي ۽ تنظيم کي الڳ رکيووڃي.

گهن چيو ته ايس يو پي جي عورت ونگ جي لاءِ عاصمه ابڙو ۽ حنا سولنگي سنڌ جي 13 ضلعن جو دورو ڪري تنظيم سازي ڪئي آهي،  اها ايس يوپي جي وڏي ڪاميابي آهي.

سندس چوڻ هو ته  سنڌ جي سماج جي بيهڪ ايتري ناهي جو عورت ۽ مرد گڏجي سياست ڪن ، ان  ڪري عورت ونگ جي وجود ۾ اچڻ سان سنڌ جي سياست کي سگهه ملندي.

ان موقعي تي ايس يو پي عورت ونگ جي مرڪزي اڳواڻ عاصمه ابڙو ۽ حنا سولنگي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي دوري مان اهو ثابت ٿيو ته سنڌ جي عورت باشعورهجڻ  باوجود ان کي هر ميدان تي پٺ تي رکيو ويوآهي.

هن چيو ته سياست ۾ ته عورتن جي لاءِ جاءِ به ناهي رکي وئي، اهو ان جي ڪري جو اسان ۾ تعليم ناهي جنهن جي ڪري سنڌ جي عورت مايوسي جي اونداهه ۾ رهي ٿي .

هنن چيو ته 24 نومبر تي سنڌ جي 13 ضلعن جون عورتون سن ۾ ٿيندڙ عورت ڪنوينشن ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪنديون

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے