11 منگل , دسمبر 2018

عاصمه ارباب جي خلاف ڪرپشن ريفرنس، اڪرم دراني ۽ روبينا خالد جي خلاف جاچ جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب اڳوڻي وفاقي وزير عاصمه ارباب جي خلاف ڪرپشن جي ريفرنس داخل ڪرڻ جڏهن ته اڪرم دراني ۽ روبينا خالد جي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي احتساب بيورو (نيب) جي پڌرائي موجب نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ انڪوائريون ۽ ريفرنسز جي منظوري ڏني وئي.  نيب جي پڌرائي موجب اڳوڻي وفاقي وزير عاصمه ارباب عالمگير جي خلاف بدعنواني جي ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته عبدالولي خان يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر مردان ڊاڪٽر احسان جي خلاف به ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. پڌرائي موجب اڳوڻي وفاقي وزير اڪرم دراني، سينيٽر روبينا خالد، بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جي وي سي ڊاڪٽر اختر بلوچ ۽ ميسرز ڪوسموس پروڊڪشن جي انتظاميا جي خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي. ان کان سواءِ شيخ زيد ميڊيڪل ڪمپليڪس لاهور جي اڳوني پروفيسر ڊاڪٽر اجمل حسن نقوي جي خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب چيئرمين (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ احتساب سڀني لاءِ واري پاليسي تي عمل پيرا آهي، ميگا ڪرپشن ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چينيڌ سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے