10 پیر , دسمبر 2018

هوائي اڏن جي زمينن تي قبضا مافيا جا ديرا

لاهور(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف هوائن اڏن جي زمينن تي به مافيا جي قبضي جو انڪشاف ٿيو آهي. سول ايوي ايشن اٿارٽي جي اربين جي زمين به قبضا مافيا کان نه بچي سگهي، اسلام آباد ۽ ڪراچي ايئرپورٽن جي اربين رپين جي ڪمرشل ملڪيت تي قبضا مافيا ديرا ڄمائي رکيا آهن، سڀ کان وڌيڪ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي 14 هزار 525 ملين جي ايراضي تي ماڻهو قبضو ڪري ويٺل آهن. ٻئي نمبر تي بينظير ڀٽو ايئرپورٽ جي 7 ڪروڙ 57 لک ماليت جي ايراضي قبضا مافيا وٽ آهي، ان کان سواءِ لاهور ايئرپورٽ جي هڪ ڪروڙ 18 لک رپين جي زمين تي قبضا مافيا جو راڄ آهي. اسلام آباد، شهيد ذوالفقار، ملتان ۽ باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڪروڙين رپين جي ماليت جي ايراضي تي به مختلف ماڻهن جو قبضو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے