نوشهره(ويب ڊيسڪ) عدالت راولپنڊي پوليس کي جي يو آءِ (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق جي قبر ڪشائي کان روڪي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب نوشهره جي ماتحت عدالت راولپنڊي پوليس کي جميعت علماءِ اسلام (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق جي قبر ڪشائي کان روڪي ڇڏيو. مولانا سميع الحق جي وارثن طرفان قبر ڪشائي جي معاملي فتويٰ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ان کان اڳ راولپنڊي جي اسپيشل انويسٽي گيشن ٽيم قانوني تقاضا پورا ڪرڻ ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو ۽ جاچ ٽيم سيشن جج راولپنڊي کي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.
Tags awami awaz Court JUI S law Molana Sami Ul Haq murder Police Qabar Kashai
هي به ڏسي سگهو ٿا
آرمي چيف جو لائن آف ڪنٽرول جو دورو
راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪري پاڪ …