15 ہفتہ , دسمبر 2018

حددخلين خلاف آپريشن: ايمپريس مارڪيٽ جو اصل نقشو طلب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ايمپريس مارڪيٽ جو اصل نقشو ۽ دڪانن جا دستاويز طلب ڪري ورتا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ايمپريس مارڪيٽ جا دڪان ڊاهي پٽ ڪرڻ جي خلاف دڪاندارن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران درخواست گذارن طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته اسان کي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اهي دڪان الاٽ ڪيا ويا هئا، ڪي ايم سي اسان کي دڪان ليز تي ڏنا هئا ان ڪري اسان جي دڪانن جو شمار حددخلين ۾ نٿو اچي. عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته اهي دڪان غير قانوين طور تي الاٽ ڪيا ويا هئا ان ڪري ڊاهيا ويا، عدالت دڪاندارنن جو موقف ٻڌڻ بعد درخواستگذارن کان ايمپريس مارڪيٽ جو اصل نقشو ۽ دڪانن جا دستاويز طلب ڪري ورتا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے