23 بدھ , جنوری 2019

اومني شگر اسڪينڊل ۾ صائما مجيد جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت اربين رپين جي کنڊ گم ڪرڻ جي ڪيس ۾ صائما مجيد جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ اربين رپين جي کنڊ گم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد کي ٻيو ڀيرو به پيش نه ڪرڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدار صائما مجيد جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.  عدالت انور مجيد جي وڪيلن ۽ جيل اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته انور مجيد ڪٿي آهي؟ جنهن تي جيل اختيارين جواب ڏنو ته کيس وٺڻ لاءِ اسپتال وياسين پر اتان ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو، عدالت سوال ڪيو ته اسان انور مجيد جو سرٽيفڪيٽ ٺاهيندڙ ڊاڪٽر کي گهرايو هو، اهو ڪٿي آهي؟ هي روايتي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ آهي، اڳ واري ۾ اضافو ڪري موڪليو ويو آهي. وڪيل ٻڌايو ته انور مجيد کي دل جي عارضي سميت ٻيا مرض آهن، سندس دل رڳو 23 سيڪڙو ڪم ڪري رهي آهي، عدالت چيو اهڙي بيماري ناهي جو انور مجيد گهمي ڦري نه سگهي، توهان چئو ٿا انور مجيد کي دل جو عارضو آهي، ان نوعيت جي بيماري ته هر چوٿين ماڻهو کي آهي، هاڻ ته دل جو آپريشن ڪري هڪ هفتي ۾ ڊسچارج ڪيو ويندو آهي، اهو ٻڌايو ته انور مجيد کي هڪ مهيني کان ڇو رکيو ويو آهي؟ عدالت اهو پڻ چيو ته ڪيس ۾ ڪنهن به صورت دير نٿا چاهيون. وڪيل چيو ته ذاتي ڊاڪٽر طبعيت ۾ خرابي سبب اسٽنٽ ناهي وڌو، جيل وٺي وڃڻ سبب انور مجيد جي طبعيت ويتر خراب ٿي. عدالت چيو ته ڊاڪٽر کي وضاحت لاءِ گهرايو هو ته هو بيماري بابت آگاهه ڪري، گڏوگڏ عدالت انور مجيد جي وڪيل کي حڪم ڏنو ته توهان سندس صحيح ٿيل وڪالت نامو جمع ڪرايو، اسان کي انور مجيد جي وڪالت نامي ۽ ڪيس اڳتي هلڻ سان مسئلو آهي. عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي ڪيس جي ڪاپي فراهم ڪندي ايندڙ ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. عدالت اشارو ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوليس شاهد پيش نٿي ڪري سگهي انصاف ڇا ڏياريندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے