12 بدھ , دسمبر 2018

خيبرخيبرپختونخواهه ۾ ميڊيڪل تعليم جو حال سڀ کان خراب آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ٻن ڪاليجن ۾ داخلائن تي پابندي لڳائيندي چيو آهي ته خبيرپختونخواهه ۾ ميڊيڪل تعليم جي سڀ کان خراب صورتحال آهي. جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ايبٽ آباد جي خانگي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلائن بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ گهربل معيار تي پورو نه لهڻ جي ڪري فرنٽيئر ۽ ايبٽ آباد ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلائن تي پابندي لڳائي ڇڏي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته پاڪستاني ميڊيڪل ڪاليجن جون ڊگريون جي پرڏيهه ۾ اهميت ڪاغذ جي ٽڪري کان وڌيڪ ناهي، انهن کان آبادي ته هونئن به ڪنٽرول نٿي ٿئي، ماڻو مارڻ جي لاءِ اهڙي قسم جا ڊاڪٽر بڻايا ويندا آهن. پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪونل ( پي ايم ڊي سي) گهربل معيار تي پورو نه لهڻ جي ڪري انهن ٻنهي ڪاليجن ۾ داخلائن تي پابندي لاڳو ڪئي هئي. پر خانگي ميڊيڪل ڪاليجن پي ايم ڊي سي جي حڪمن کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ته هاءِ ڪورٽ پابندي کڻڻ جو حڪم جاري ڪيو. جسٽس عظمت سعيد چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ميڊيڪل تعليم جو سڀ کان خراب حال آهي، اڄ کان پوءِ انهن ٻنهي ڪاليجن ۾ ڪا به داخلا نه ٿيندي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ميڊيڪل ڪاليجن وٽ 250 بيڊن جي اسپتال هئڻ گهرجي جيڪا انهن ڪاليجن وٽ ناهي. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے