18 اتوار , نومبر 2018

ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي وي سي جي مقرريءَ تي تڪرار تيز: اقبال درانيءَ کي هٽايو ويو

ڪراچي: ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر لاءِ گورنر جي اميدوار جي مخالفت ڪرڻ سبب ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير جي ناٺي ۽ يونيورسٽين ۽ بورڊن بابت وڏي وزير جي سيڪريٽري اقبال درانيءَ کي سندس عهدي تان هٽائي کيس ايس جي اي اينڊ سي ڊي ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرچ ڪميٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت سان اقبال درانيءَ ڊاڪٽر سعيد قريشيءَ کي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طور مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، ڇو ته سرچ ڪميٽيءَ جي انٽرويوءَ مطابق سعيد قريشيءَ جا سڀ کان وڌيڪ 75 مارڪون هيون، ان کانپوءِ ڊاڪٽر عمر فاروق 66 ۽ ڊاڪٽر امجد سراج جون 62 مارڪون هيون. اقبال درانيءَ ميرٽ موجب پروفيسر سعيد قريشيءَ کي وي سي مقرر ڪرڻ جي لاءِ وڏي وزير کي سفارش ڪئي. جڏهن ته هن لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي موجوده وائيس چانسلر پروفيسر نوشاد شيخ کي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. اهڙو اطلاع ملڻ کانپوءِ غير قانوني طريقيءَ سان وائيس چانسلر جي عهدي تي قابض ۽گورنر هائوس جي من پسند ڊاڪٽر مسعود حميد مڇرجي پيو ۽ هن غير قانوني طريقي سان سينيئر پروفيسر ڊاڪٽر سعيد قريشيءَ کي نوڪريءَ تان برطرف ڪري ڇڏيو. جنهن تي اقبال درانيءَ سخت موقف اختيار ڪري اهڙو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ لاءِ چيو هيو. ذريعن موجب ان دوران سعيد قريشيءَ جي مخالف لابيءَ هڪ ٻيو غير قانوني قدم کڻي چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جماليءَ جي ڀاءُ خاور سعيد جماليءَ کي غلط طريقي سان صحت کاتي مان بدلي ڪري لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ڄامشوري ۾ 21- گريڊ ۾ پروفيسر مقرر ڪيو، جنهن تي پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن سنڌ سخت احتجاج ڪندي اهڙو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. ان دوران گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان خاور سعيد جماليءَ کي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن تي نه رڳو پي ايم اي پر سڄي ڊاڪٽر برادري حيران ۽ پريشان آهي. پي ايم اي سنڌ ته سخت موقف اختيار ڪندي اهو به چيو ته مسعود حميد ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ ڪي ته اهڙا غير قانوني ڪم ڪيا آهن، جن کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ هو لڳاتار وي سي رهڻ چاهي ٿو ۽ وي سي نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي مرضيءَ جو وي سي رکائڻ چاهي ٿو. پي ايم اي اڳواڻن جو اهو به چوڻ هو ته سنڌ جو گورنر مداخلت ڪري ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو ماحول خراب ڪري رهيو آهي. وزير اعليٰ هائوس جي ذريعن موجب ڪالهه مفاهمتي پاليسيءَ هيٺ دبئيءَ کان پهتل نياپي کانپوءِ اقبال درانيءَ کي هٽايو ويو. ڊاڪٽر سعيد قريشيءَ کي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر صرف ان ڪري نه پيو ڪيو وڃي جو هو سنڌي آهي. هلندڙ مهيني اقبال دراني سنڌ سرڪار جو چوٿون آفيسر آهي، جنهن کي غير قانوني حڪم نه مڃڻ سبب هٽايو ويو آهي. واضح رهي ته غير قانوني طريقي سان پروفيسر ۽ پرو وائيس چانسلر بڻايل خاور سعيد جمالي چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جماليءَ جو ڀاءُ آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جماليءَ 20 فيبروري 2016ع تي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي 15 ڪانووڪيشن ۾ به شرڪت ڪئي هئي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ چيف جسٽس آف پاڪستان لاڙڪاڻي بار جي تقريب ۾ بار جي صدر پاران گهوڙي ۽ ٻڪر جو قميتي تحفو وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.
رپورٽ: ڊاڪٽر قاسم راڄپر

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے