10 پیر , دسمبر 2018

ڪنهن کي به انسانن جي زندگين سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين: چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته انسانن جي زندگين سان ڪنهن کي کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين. تفصيل موجب چيف جسٽس جي سربراهي ۾ غير معياري شيون وڪڻڻ وارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڊي جي فوڊ ڪيپٽن (ر) عثمان عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هتي غير معياري شيون وڪڻڻ وارن جو ڌنڌو بند ٿيڻ گهرجي، توهان بنا فرق جي ڪارروائيون ڪيو، ڏسون ٿا ته توهان تي ڪير ٿو دٻاءُ وجهي جنهن تي ڊي جي فوڊ پنجاب ڪيپٽن (ر) عثمان چيو ته توهان جي حڪم موجب عمل ڪيو پيو وڃي، 350 غير معياري بوتل بند پاڻي وڪرو ڪندڙ فيڪٽريون بند ڪرايون ويون آهن جڏهن ته غير معياري ڪوڪنگ آئل بڻائيندڙ ڪيترين ئي ڪمپنين کي بند ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان ڊي جي فوڊ پنجاب ڪيپٽن ريٽائرڊ عثمان جي تعريفب ڪندي چيو ته توهان پنجاب جي ڊي جي فوڊ طور بهترين فرض انجام ڏئي رهيا آهيو، انسانن جي زندگين سان ڪنهن کي کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين. چيف جسٽس ڊي جي فوڊ پنجاب کي صوبي ۾ غير معياري شيون بڻائڻ ۽ وڪرو ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے