11 منگل , دسمبر 2018

سي پيڪ ۾ گلگت بلتستان کي جائز حصو ناهي مليو: بلاول ڀٽو زرداري

هنزه(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سي پيڪ ۾ گلگت بلتستان کي جائز حصو ناهي مليو. گلگت بلتستان جي دوري دوران پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هنزه ۽ نگر ۾ عوامي اجتماعن کي خطاب ۾ چيو آهي ته جنهن محبت ۽ جوش سان منهنجو استقبال ڪيو ويو وساري نه سگهندس، هتي هر هر ايندو رهندس ۽ پيپلز پارٽي سي پيڪ ۾ گلگت بلتستان جو پورو حصو ڏيارڻ جي جدوجهد ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رڳو پيپلز پارٽي گلگت بلتستان کي حق ڏنا آهن اسان کي اڳتي وڃي گهڻي جدوجهد ڪرڻي آهي ۽ معاشي ڏکيائين سميت هتان جي مسئلن کي قومي سطح تي کڻي اچڻو آهي، سي پيڪ جو حصو گلگت بلتستان کي ملڻو هئو نه مليو جنهن جي لاءِ پيپلز پارٽي جدوجهد ڪندي، بلاول نگر ۾ به عوامي اجتماع  سان خطاب ڪيو ۽ چيو ته اڄ ڀٽو زندهه آهي ته ان ۾ گلگت بلتستان جو رت شامل شامل آهي، ڪنهن کي به حق ائين ئي ناهن ملندا جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چينيڌ سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے