11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ: ڪراچي: مواڇ ڳوٺ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو

ڪراچي جي مواڇ ڳوٺ ۾ مختلف ڪالونين جي رهواسين پاران پيئڻ جي پاڻي جي بحران خلاف احتجاج ڪيو ويو

گلشن مزدور، نيول ڪالوني، يوسف ڳوٺ ۽ ٻين علائقن جي رهواسين گهرن مان نڪري عورتن سوڌو آر سي ڊي هاءِ وي بند ڪري ڌرڻو هنيو

ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته انتظاميا جي بي ڌيان سبب سندن گهرن ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پيئڻ جو پاڻي نٿو اچي

سندن چوڻ هو ته واٽر بورڊ انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا پاڻي بحران بابت دانهن ڏني آهي پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي

هنن چيو ته واٽر بورڊ انتظاميا جي ملي ڀڳت سبب رهواسي مهانگي اگهه ٽينڪر مافيا کان پاڻي خريد ڪري واپراڻ تي مجبور آهن

احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پاڻي فراهمي بحال ڪري پريشانين کي گهٽايو وڃي،………………..

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے