10 پیر , دسمبر 2018

نيب نجم سيٺي جي خلاف ڪيس سميت 6 ڪيس ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي احتساب بيورو (نيب) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي جي خلاف ڪيس سميت 6 مختلف ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪلي ڇڏيا. نيب طرفان جاري پڌرائي موجب وفاقي احتساب بيورو نجم سيٺي جي خلاف غير قانوين اڏاوتن جو ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪليو آهي جڏهن ته شين انشورنس جي سي اي او، چيف ايگزيڪٽو ۽ فنانشل آفيسر جو ڪيس به ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو.  ميپڪو چيچه وطني جي لائن مين محمد ارشد جي معاملي جي جاچ به ايف آءِ ڪندي جڏهن ته نيشنل بينڪ سرگوڌا جي ايگري ڪلچر آفيسر فاروق الحسن ۽ ٻين جو ڪيس به ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو آهي.  ليسڪو سب ڊويزن ڪريم پارڪ جي ايس ڊي ايو محسن اسلام، ايس ڊي او ذيشان ارشد ۽ ميٽر ريڊر مشتاق احمد جو ڪيس به ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت يوفون ڪمپني جي عبدالعزيز، محمد علي، سيد ابرار حسين جو ڪيس به ايف آءِ اي کي ڏنو ويو آهي. ان کان سواءِ نيب جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ارباب عالمگير، عاصمه ارباب، اڳوڻي وي سي عبدالولي خان يونيورسٽي مردان ڊاڪٽر احسان علي ۽ ٻين جي خلاف بدعنواني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير اڪرم دراني، سنڌ جي اڳوڻي خوراڪ واري وزير  نثار کهڙي، پيپلز يونيورسٽي بينظير آباد جي اڳوڻي وي سي ، ميسرز ڪوسموس پروڊڪشن، بينيظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جي وي سي ، پاڪستان پيٽروليم لميٽڊ جي ايم ڊي عاصم مرتضيٰ، بورڊ آف ڊائريڪٽر پاڪستان پيٽروليم جي اڳوڻي چيئرمين هدايت الله ۽ اين ايڇ اي جي آفيسرن خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ نيشنل هائوسنگ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جيز جايد احمد، ذڪي الله، اڳوڻي هائوسنگ سيڪريٽري ۽ ٻين جي خلاف وڌيڪ ڪاررروائي چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے