23 ہفتہ , فروری 2019

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ، 4 ڪشميري شهيد

سري نگر(ويب ڊيسڪ) قابض ڀارتي فورسز والاريل ڪشمير جي علائقي شوپيان ۾ فائرنگ ڪري 4 ڪشميرين نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي شوپيان ۾ ڀارتي فورسز سرچ آپريشن دوران 4 ڪشميرين نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشميري ميڊيا جو چوڻ آهي ته ظالم ڀارتي ظلم طرفان ڪشميري نوجوانن جي شهادت بعد علائقي ۾ اڻ اعلانيل ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سرور به بند ڪئي وئي آهي.  حريت اڳواڻن طرفان هڙتال جي ڪال ڏئي وئي آهي. دڪان، واپاري مرڪز ۽ تعليمي ادارا بند ۽ ٽرانسپورٽ معطل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جو لائن آف ڪنٽرول جو دورو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪري پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے