12 بدھ , دسمبر 2018

حڪومت 100 ڏينهن ۾ ئي عوام کي چيڀاٽڻ شروع ڪري ڇڏيو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪ سر زمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي آڙ ۾ ماڻهن کي بي گهر ڪيو پيو وڃي. حڪومت 100 ڏينهن پورا ٿيڻ کان اڳ ئي عوام کي چيڀاٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. مصطفيٰ ڪمال ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کي چار سالن ۾ رڳو ٽوڙڻ جو اختيار مليو آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي کي ميئر کي گهرائي پاڻي ڏيڻ ۽ ڪچرو کڻڻ جو اختيار به ڏئي ڇڏي. هن چيو ته مون ناظم طور 28 هزار گهر ڪيرايا هئا پر گڏوگڏ ٽي نيون وسنديون به آباد ڪيون هيون جتي انهن ماڻهن کي ترسايو ويو جڏهن ته صدر ۾ حددخلين جي خلاف ٿيل آپريشن سبب 10 هزار خاندان متاثر ٿيا آهن. آدم شماري واري معاملي تي ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته گذريل ڏينهن هڪ فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ گڏيل مفادن واري ڪونسل بنا آڊٽ جي آدم شماري کي منظور ڪرڻ چاهي ٿي پر اسان ان آدم شماري کي نٿا مڃون جڏهن ته پيپلز پارٽي جو سربراهه آصف علي زرداري به آدم شماري کي قبول ناهي ڪري رهيو ڇو ته آدم شماري جي نتيجن ۾ ڪراچي ۽ سنڌ سان زيادتي ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے