15 ہفتہ , دسمبر 2018

پاڪستان ۾ رشوت کان سواءِ واپار ڪرڻ ڏکيو آهي: سنڌ جو گورنر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان ۾ بنا رشوت جي واپار ڪرڻ ڏکيو آهي، سرڪاري آفيسرن کان سواءِ واپاري به ڪرپشن ۾ ملوث آهن. عمران اسماعيل ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽريز (ڪاٽي) ۾ صنعتڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 5 سالن دوران برآمدات ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ناهي ٿي جڏهن ته درآمدات ۾ 60 سيڪڙو تائين جي ريڪارڊ واڌ ٿي آهي. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان ڪنهن به سڄي آئيڊيا تي عمل ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن صنعتڪار پنهنجي آئيڊيا شيئر ڪندو ته ان تي به عمل ڪيو ويندو. سنڌ جي گورنر چيو ته واپاري ٽيڪس بچائڻ ۽ قانون کان بچڻ لاءِ رشوت وٺندا آهن جڏهن ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي. عمران اسماعيل چيو ته پاڪستان جي خراب وقت ۾ به ملٽي نيشنل ڪمپنين ڪمايو ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان بهتر نتيجا پاڪستان مان حاصل ڪيا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے