12 بدھ , دسمبر 2018

ن ليگ اڳواڻ مصدق ملڪ تي ٻار کي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سينيٽر مصدق ملڪ تي هڪ عورت سندس 5 ورهين جي پٽ کي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ترجمان مصدق ملڪ جي نااهلي لاءِ هڪ عورت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن الزام مڙهيو آهي ته منهنجي ٻار کي مصدق ملڪ جنسي طور هراسان ڪيو. عورت اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪئي آهي ته ن ليگ اڳواڻ کي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهل ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر عبدالغفار سومري جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عورت هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو الزام ورجائيندي چيو ته مصدق ملڪ آمريڪا ۾ منهنجي پٽ تي جنسي حملو ڪيو. اليڪشن ڪميشن درخواست گذار عورت کان وڌيڪ شاهديون طلب ڪندي چيو آهي ته نوٽيس جاري ڪرڻ لاءِ ٺوس ثبوت هجڻ ضروري آهي، بئنچ عورت کي هدايت ڪئي ته اها وڪيل جون خدمتون حاصل ڪري 5 ڊسمبر تائين شاهديون فراهم ڪري ته جيئن ڪارروائي اڳتي وڌائي سگهجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے