15 ہفتہ , دسمبر 2018

پي ايس ايل 4: ڇهن ئي ٽيمن جو اسڪواڊ مڪمل ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ ڊرافٽ جو مرحلو پڄاڻيءَ تي پهتو، جنهن سان گڏ ئي ٽيمن جو 20 رڪني اسڪواڊ به مڪمل ٿي ويو. ڊرافٽ مرحلي دوران گذريل ايڊيشن ۾ آخري نمبر تي رهندڙ ٻن ٽيمن لاهور قلندرز ۽ ڇهين ٽيم (اڳوڻي ملتان سلطانز) کي سڀ کان وڌيڪ رانديگرن جي چونڊ جو موقعو مليو، ڇو ته انهن ٽيمن ڪيترن ئي رانديگرن کي پنهنجي اسڪواڊ مان رليز ڪري ڇڏيو هو. اڄ ٿيندڙ ڊرافٽ کانپوءِ سمورين ٽيمن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، جنهن جا تفصيل هيٺ بيان ڪجن ٿا.

لاهور قلندرز

محمد حفيظ (ڪپتان)، فخر زمان، اي بي ڊويليئرز (ڏکڻ آفريڪا)، ياسر شاهه، ڪارلوس بريٿ ويٽ (ويسٽ انڊيز)، ڪوري اينڊرسن ۽ اينٽن ڊيوسچ (نيوزيلينڊ)، راحت علي، سنديپ ليمي چين (نيپال)، شاهين شاهه آفريدي، آغا سلمان، سهيل اختر، حسان خان، حارث سهيل، محمد عمران، عمير مسعود، جڏهن ته سپليمينٽري رانديگرن ۾ برينڊن ٽيلر، گوهر علي، اعزاز چيما ۽ حارث رئوف شامل آهن.

ڇهين ٽيم (اڳوڻي ملتان سلطانز)

شعيب ملڪ (ڪپتان)، اسٽيون سمٿ (آسٽريليا)، شاهد آفريدي، محمد عرفان، جنيد خان، جو ڊينلي (انگلينڊ)، شان مسعود، قيص احمد (افغانستان)، نڪولس پوران (ويسٽ انڊيز)، محمد عباس، محمد عرفان، عمر صديق، لوري ايونز (انگلينڊ)، نعمان علي، محمد جنيد، محمد الياس، جڏهن ته سپليمينٽري رانديگرن ۾ ڊينيئل ڪرسچن، ٽام مورس، علي شفيق ۽ شڪيل انصر شامل آهن.

ڪراچي ڪنگز

عماد وسيم (ڪپتان)، بابر اعظم، محمد عامر، ڪولن منرو (نيوزيلينڊ)، ڪولن انگرام (ڏکڻ آفريڪا)، عثمان شنواري، روي بوپارا (انگلينڊ)، محمد رضوان، سڪندر رضا (زمبابوي)، اويس ضيا، اساما مير، آران سمرز (آسٽريليا)، سهيل خان، افتخار احمد، علي عمران، ابرار احمد، جڏهن ته سپليمينٽري رانديگرن ۾ عامر يامين، بين ڊڪٽ، ليام ليونگ اسٽون ۽ جاهد علي شامل آهن.

ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز

سرفراز احمد (ڪپتان)، شين واٽسن (آسٽريليا)، ڊوائن براوو (ويسٽ انڊيز)، سهيل تنوير، محمد نواز، رلي روسو (ڏکڻ آفريڪا)، فواد احمد (آسٽريليا)، انور علي، سعود شڪيل، محمد اصغر، دانش عزيز، احسن علي، غلام مدثر، نسيم شاهه، جڏهن ته سپليمينٽري رانديگرن ۾ هيري گرني، احمد شهزاد، اعظم خان ۽ جلت خان شامل آهن.

پشاور زلمي

ڊيرن سيمي (ڪپتان، ويسٽ انڊيز)، وهاب رياض، حسن علي، ڪيرون پولارڊ (ويسٽ انڊيز)، ڪامران اڪمل، مصباح الحق، ليام ڊاسن ۽ ڊيوڊ ملان (انگلينڊ)، عمر امين، عميد آصف، خالد عثمان، وين ميڊسن (ڏکڻ آفريڪا)، صهيب مقصود، جمال انور، ثمين گل، نبي گل، جڏهن ته سپليمينٽري رانديگرن ۾ وقار سلام خيل، ڪرس جارڊن، ابتسام شيخ ۽ سميع الله آفريدي شامل آهن.

اسلام آباد يونائيٽيڊ

ليوڪ رونڪي (نيوزيلينڊ)، فهيم اشرف، شاداب خان، محمد سميع، آصف علي، اين بيل (انگلينڊ)، رومان رئيس، سميت پٽيل (انگلينڊ)، فل سالٽ (ويلز)، صاحبزادا فرحان، ظفر گوهر، وقاص مقصود، حسين طلعت، ڪيمرون ڊيلپورٽ (ڏکڻ آفريڪا)، محمد موسيٰ، ناصر نواز، جڏهن ته سپليمينٽري رانديگرن ۾ وين پارنيل، ظاهر خان، عماد بٽ ۽ رضوان حسين شامل آهن.

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي شروعات ايندڙ سال 14 فيبروري کان گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے