14 جمعہ , دسمبر 2018

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ احتجاج بعد آمريڪي اختيارين سفارتي سطح تي پاڪستان سان رابطو ڪيو آهي. سفارتي ذريعن موجب سينيئر آمريڪي اختيارين پاڪستان طرفان ردعمل اچڻ بعد پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو ۽ واضح ڪيو ته آمريڪا کي پاڪستان طرفان ڪيل سهڪار جي قدر آهي ۽ آمريڪا کي پاڪستان جي وڌيڪ سهڪار جي ضرورت رهندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي اختيارين سفارتي سطح تي رابطو جاري رکڻ جي خاطري به ڪرائي ۽ مائيڪ پومپيو جي دوري ۾ ڪيل فيصلن تي ڳالهيون جاري رکڻ جي ڳالهه ڪئي. آمريڪي اختيارين طرفان ٻطرفا رابطا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے