15 ہفتہ , دسمبر 2018

نيب بينڪن کان شهباز شريف جي اڪائونٽن جي تفصيل گهري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو بينڪن ۽ مالياتي ادارن کان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ميان شهباز شريف سميت پنج ماڻهن جي بينڪ اڪائونٽن جي تفصيل گهري ورتي. تفصيل موجب قومي احتساب بيورو بينڪن ۽ مالياتي ادارن کان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف سميت 5 ماڻهن جي بينڪ اڪائونٽن جي تفصيل گهري ورتي، نيب حمزه شهباز شريف، سلمان شهباز شيرف، عمران علي يوسف ۽ فهيم اختر چوڌري جي بينڪ اڪائونٽن جي تفصيل به گهري ورتي آهي. نيب جو چوڻ آهي ته ڄاڻ نه ڏيڻ جي ذميوار آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. نيب طرفان بينڪن ۽ مالياتي ادارن کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف، حمزه شهباز، سلمان شهباز، عمران علي يوسف ۽ فهيم اختر چوڌري جي بينڪ اڪائونٽن، اڪائونٽ کولڻ وارو فارم، ڪمپيوٽرائزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي، صحيح جو نمونو، اڪائونٽ کولڻ واري تاريخ کان وٺي هن وقت تائين جي اڪائونٽ جي اسٽيٽمنٽس به 26 نومبر تائين هيڊ آفيس موڪليو وڃن. نيب قومي بچت کاتي کان شهباز شريف، حمزه شهباز، سلمان شهباز، عمران علي يوسف ۽ فهيم اختر چوڌري جي حوالي سان ڏيهي توڻي پرڏيهي ڪرنسي ۾ بچ اسڪيمن ۾ سيڙپڪاري ۽ سرٽيفڪيٽ جي تفصيل به گهري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے