11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ : ڪابل: مذهبي اجتماعن ۾ آپگهاتي ڌماڪن سبب 45 ڄڻا مارجي ويا

افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ مذهبي اجتماعن ۾ آپگهاتي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 45 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 80 زخمي ٿي پيا آهن

افغان گهرو وزارت جي ترجمان موجب ڌماڪي ۾ علما ڪونسل جي اجلاس کي نشانو بڻايو ويو، آپگهاتي بمبار عالمن جي ڪانفرنس دوران آپگهاتي ڌماڪو ڪيو.

ڪابل پوليس جي ترجمان باسر مجاهد مجاهد 12 ربيع الاول جي مناسبت سان ايئرپورٽ روڊ تي موجود مقامي شادي هال ۾ محفل رٿي وئي جنهن ۾  ڪيترا ئي عالم ۽ عام ماڻهن موجود هئا.

 هال جي مينيجر جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار اجتماع جي وچ ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

وزير اعظم عمران خان ڪابل ۾ مذهبي تقريب ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ انساني جانين جي ضيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

 پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو سڀ وڏو متاثر ٿيڻ جي ناطي افغان ڀائرن جي ڏک ئي محسوس ڪري سگهي ٿو.

 هن چيو ته فاغان ڀائر خيط ۾ آندل جنگ جي قيمت هن وقت تائين ادا ڪري رهيا آهن……………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے