15 ہفتہ , دسمبر 2018

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

Eid Milad-un-Nabi (Peace Be Upon Him) being celebrated with religious fervourڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  جشن عيد ميلاد النبي صه سموري ملڪ ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي.جشن عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جلوس ڪڍيا ويندا جڏهن ته هر ننڍو وڏو شهر، ڳوٺ، بازار، چوراهو لائيٽن سان روشن ڪيو ويو آهي ۽ هر پاسي ساون جهنڊن جي بهار آهي، ان کان کانسواءِ سموري ملڪ جي سڀني اهم سرڪاري، غير سرڪاري ۽ خانگي عمارتن، مارڪيٽن ۽ بازارن کي شاندار نموني سنيگاريو ويو آهي.جشن عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي ڪراچي سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن جي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، جلوس ۽ ريلين جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس جا خاص دستا مقرر ڪيا ويا آهن.عيد ميلاد النبي صه کي مسلمان امت انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندي ۽ پوري دنيا جا مسلمان ان موقعي تي پنهنجي پياري نبي صه جي سيرت مبارڪ تي هلڻ جو عهد ڪندا آهن، حضور صه مسلمانن کي محبت، ڀائيپي، اخوت، عفوودرگذر جو درس ڏنو.

عيد ميلادالنبي صه، 15 ضلعن ۾موبائيل فون بند رکڻ جي سفارش

عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ ڪنهن به امڪاني دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اڄ سنڌ صوبي جي 15 ضلعن ۾ موبائل فون بند رکڻ جو فيصلو، سنڌ جي گهرو کاتي 15 ضلعن ۾ اڄ موبائل فون بند رکڻ جو سفارشون وفاقي گهرو کاتي کي موڪلي ڇڏيون آهن، ان سلسلي ۾ سفارشن ۾ چيو ويو آهي، ته اڄ جشن عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ جنهن به امڪاني دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي 15 ضلعن ۾ صبح جو 6 وڳي کان رات جو 10 وڳي تائين موبائل فون سروس بند رکي وڃي، ٻئي پاسي ڪراچي جشن عيد ملادالنبي جي سلسلي ۾ نڪرندڙ مرڪزي جلوس جي رستن سميت صدر، ملير ۽ ڪورنگي ۾ موبائل فون سروس اڄ صبح 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين بند رهندي.

سنڌ سرڪار جو عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي اڄ عام موڪل جو اعلان

ٻئي پاسي سنڌ حڪومت عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سرڪار جي سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينشن کاتي طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب 21 نومبر تي سنڌ حڪومت جي ماتحت کاتا، خانگي ۽ سرڪاري تعليمي ادارا ۽ آفيسون بند رهنديون. ٻئي پاسي ڪراچي شهر سميت سڄي ملڪ ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم ملهائڻ جون تياريون پوري مذهبي جوش، جذبي ۽ عقيدت سان جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے