15 ہفتہ , دسمبر 2018

نبي پاڪ  ﷺ جي سيرت مبارڪ تي عمل ۾ ئي ترقي ۽ ڀلائي آهي: صدر ۽ وزيراعظم

President, PM urge nation to follow teachings of Holy Prophet (Peace Be Upon Him)اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) جشن عيد ميلادالنبي ﷺ سموري ملڪ ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سام ملهائي پئي وڃي ۽ هر پاسي مرحبا يا رسول الله ﷺ جي گونجار آهي. ان ڏينهن جي موقعي تي ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سميت ٻين سياسي اڳواڻن طرفان پڻ جشن عيد ميلاد النبي رسول ﷺ جي موقعي تي کي مبارڪباد ڏني وئي آهي. صدر عارف علوي جشن والاد رسول صلعم جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته انسانيت جي فلاح جو دارومدار حضور صلي الله عليه واله وسلم جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ  پنهنجي منزل ماڻي سگهون ٿا. هن چيوته اسان جي نبي ﷺ جي زندگي، سادگي، انصاف، رحمت، سخاوت ۽ تواضح جو درس اسان لاءِ کليل ڪتاب آهي. صدر مملڪت پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته الله تعاليٰ نبي صلعم کي سموري ڪائنات لاءِ ڪامل رهنما ۽ معلم بڻائي موڪليو . هن دعا ڪئي ته هي ڀلارو مهينو اسان لاءِ خير ۽ برڪت جو سبب بڻي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي پيغام چيو ته قوم کي اڄ پڪو عهد ڪرڻو گهرجي ته هو پنهنجن ذاتي مفادن کي وساري حقيقت معني نبي پاڪ جي تعليم تي عمل ڪن. ريڊيو پاڪستان جي هڪ رپورٽ موجب وزيراعظم چيو ته اسان کي اهڙا ڪمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن سان دنيا ۾ اسلام جي تشخص کي نقصان پهچي. وزيراعظم عمران خان ماڻهن تي زور هو حضرت محمد ﷺ جي تعليم موجب اتحاد، رواداري، ڀائپي ۽ هم آهنگي کي برقرار رکون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے