11 منگل , دسمبر 2018

عمران خان جي ملائيشين هم منصب سان ملاقات، ويزائن جي جزوي خاتمي جو معاهدو

Pakistan, Malaysia agree to enhance cooperation in diverse fields

ڪوالالمپور(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ويزا جي جزوي خاتمي جو معاهدو طئ ٿي ويو  آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن مستقبل ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ملائيشين وزيراعظم مهاتير محمد وزيراعظم عمران خان جي پاڪستان دوري جي دعوت به قبولي ورتي. ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ ملائيشين هم منصب مهاتير محمد ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ملائيشيا مهاتير محمد جي قيادت ۾ تيزي سان ترقي ڪئي، اقتصادي ترقي لاءِ ڊاڪٽر مهاتير محمد جي تجربن مان فائدو حاصل ڪنداسين، اسان ٻنهي کي بدعنواني خلاف عوام ووٽ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري جي گنجائش آهي، سياحتي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ ملائيشيا جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم مهاتير محمد کي 23 مارچ تي يوم پاڪستان جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ملائيشين هم منصب يوم پاڪستان جي تقريب جو خاص مهمان هوندو. ملائيشين وزيراعظم مهاتير محمد جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا کي گڏيل مسئلا سامهون آهن، عمران خان پهريون پرڏيهي اڳواڻ آهي جنهن کي ڀليڪار ڪري رهيا آهيون. مهاتير محمد چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه جاري رهندي ۽ مارچ ۾ پاڪستان جو دورو ڪندس. وزيراعظم عمران خان جي ملائيشيا دوري جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي جنهن موجب ٻنهي ملڪن جي وزيراعظم وچ ۾ ٻه طرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ٻه طرفن لاڳاپن ۾ واڌ لاءِ هر سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پڌرنامي موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ايندڙ سال اسلام آباد ۾ پاڪستان ملائيشيا مشاورتي اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته اقتصادي تعاون، واپار ۽ سرمائيداري جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مهاتير محمد توانائي بحران تي قابو ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ايل اين جي، پن بجلي ۽ قابل تجديد توانائي ۾ ملائيشيا جي تعاون کي ڀليڪار ڪيو. پاڪستان ملائيشين ڪمپنين کي خاص اقتصادي زون ۾ سرمائيداري جي دعوت ڏني جڏهن ته ٻنهي ملڪن جو دفاعي تعاون لاءِ مفاهمت جي يادداشت جو معاهدو ڪيو ويو. گڏيل پڌرائي موجب عمران خان ۽ مهاتير محمد مسلمان امت جي مضبوط اتحاد، ٻنهي ملڪن جي مسلمان امت کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته ملائيشيا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪامياب ڪوششن کي ساراهيو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين سان مهاتير محمد کي آگاهه ڪيو ويو ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ او آءِ سي جو ڪردار به غور هيٺ آهي. گڏيل پڌرائي موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويزائن جي جزوي خاتمي جو معاهدو ٿيو جنهن سان ٻه طرفن لاڳاپن ۾ بهتري ايندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے