18 پیر , فروری 2019

حريت اڳواڻن طرفان مير حفيظ الله جي قتل خلاف سڀاڻي سموري ڪشمير ۾ هڙتال جو اعلان

سرينگر (ويب ڊيسڪ ) حريت قيادت ڀارت جي بربريت خلاف جدوجهد ڪندڙ تنظيم تحريڪ حريت ڄمو ڪشمير جي سينيئر اڳواڻ ميرحفيظ الله جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سڀاڻي مڪمل هڙتال جو سڏ ڏنو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب مير واعظ کي گذريل ڏينهن سندس گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو جنهن خلاف حريت قيادت سموري ڪشمير ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو. مير واعظ الله تحريڪ حريت ڄمون ڪشمير جي ضلعي اسلام آباد جو صدر هو کيس اڻڄاتل ماڻهن گهري ۾ گهڙي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو جنهن بعد کيس اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو. فائرنگ جي نتيجي ۾ سندس گهرواري پڻ سخت زخمي ٿي. مير حفيظ الله گذريل مهيني ئي ڀارتي قيد مان آزاد ٿي ڪري گهر پهتو هو ۽ کيس لڳاتار اڻڄاتل نمبرن تان موتمار ڌمڪيون ملي رهيون هيون. ڀارتي فوج جي تاز ڪاررواين ۾ وڌيڪ هڪ نوجوان جي شهادت خلاف جمعي واري ڏينهن نماز جي ادائيگي کانپوءِ سرينگر ۽ ٻين ضلعن ۾ احتجاج پڻ  ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٻن ڏينهن جي تاريخي دوري تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے