13 جمعرات , دسمبر 2018

وفاق جو سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ۽ سنڌ جي دانهن

وفاق پاران سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ جي دانهن اڳ ته سنڌ جون اڪثر سياسي ڌريون ڪنديون هيون، پر هاڻي ڪافي وقت کان سنڌ مان وفاق جي سياست ڪندڙ پيپلز پارٽي وفاق پاران سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جي موٽ ۾ اهڙو ئي موقف اختيار ڪري رهي آهي ته،” وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ پيو ڪري“، سنڌ سرڪار پاران اهڙو اظهار سنڌ اسيمبليءَ جي گذريل اجلاس دوران سنڌ حڪومت جي ڪيئي عيوضين مختلف مرحلن تي ڪيو آهي، اجلاس ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ جي مسئلي تي ڪافي گرماگرمي ٿي سنڌ سرڪار جي وزيرن ۽ ميمبرن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن وفاق سنڌ کي بجلي ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ته سنڌ پوري ملڪ مان توانائيءَ جو بحران ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي،  سندن اهو به چوڻ هو ته سنڌ جا 25 منصوبا وفاق وٽ پيل آهن، ۽ سنڌ 4 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهي ٿي، سنڌ سرڪار جي نمائندن جو  اهو به چوڻ هو ته سي سي آءِ  ۾ سنڌ سرڪار بجلي، پاڻي،گئس ۽ ٻين مسئلن تي آواز اٿاريو پر ننڍن صوبن جي اتي ٻڌڻي ئي نه ٿي ٿئي، پ پ جي صوبائي وزير شهلا رضا ته ايترو به چئي ڏنو ته وفاق سنڌ کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ گئس ئي نه ٿو ڏئي. هنن گهر ڪئي ته سنڌ کي او جي ڊي سي ايل سميت ٻين ادارن ۾ نمائندگي ئي نه ٿي ڏني وڃي.

سنڌ جن ٻين اڪيچار مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي جيڪڏهن انهن کي پاسي تي رکي رڳو بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ جي ڳالهه ڪجي ته ان مسئلي سنڌين جي معيشت جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، سنڌ جيڪا گذريل ٻن ڏهاڪن کان روزاني جي بنياد تي 8 ڪلاڪن کان 18  ڪلاڪن تائين جي لوڊ شيڊنگ کي منهن ڏيندي رهي آهي، اهڙي لوڊ شيڊنگ نه صرف سياري جي مند ۾ جاري رهندي پئي آئي آهي پر اهڙي لوڊشيڊنگ جون جولاءِ جي انتهائي گرمي وارن ڏينهن ۾ به جاري رهندي آئي آهي جنهن ڪري ڪراچيءَ سميت، حيدر آباد، سکر، نوابشاهه، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ۾ ڪيئي ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع اچڻ جهڙوڪر عام ڳالهه هوندي هُئي، ڪراچيءَ ۾ ته سن اسٽروڪ ۽ گرميءَ جي اثر ڪري سوين ماڻهن جي مرڻ جا واقعا پڻ ٿيندا رهيا آهن.

سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو هڪ طرف اهو نقصان ٿيو آهي ته ٻئي طرف سموري سنڌ جو اقتصادي وهنوار ۽ ڪاروبار ايتري قدر ته متاثر ٿيندو رهيو آهي جو ڪيئي ننڍيون صنعتون بند ٿي ويون، ڪيئي ضلعن ۾ سارين ڇڙڻ جا ڪارخانا بند ٿي ويا، لاڙڪاڻي، سکر، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن ۾ ڪم ڪندڙ ننڍڙيون ننڍڙيون صنعتون تقريبن بند ٿي ويون، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ هر قسم جو ڪاروبار بدترين نموني متاثر ٿيندو پئي رهيو آهي، بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ ڪري سنڌ جي زراعت سميت، صنعت ۽ هٿ جا اُهي سمورا ڪاروبار جيڪي ضمني طور تي بجليءَ جي ننڍين ننڍين مشينن تي هلندڙ هيا متاثر ٿيا، بجليءَ جي ٻن ڏهاڪن کان ٿيندڙ لوڊ شيڊنگ سنڌين جي معيشت جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي جنهن ڪري سنڌ جي ننڍن ڳوٺن کان وٺي ننڍن شهرن مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ ٿي ۽ اهڙن ماڻهن جو گهڻو تڻو انگ سکر، حيدرآباد ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ طرف لڏڻ تي مجبور ٿي ويو جو ننڍن شهرن جي نسبت وڏن شهرن ۾ روزگار جا ذريعا ڪنهن حد تائين وڌيڪ هجن ٿا.

اها هڪ تلخ حقيقت آهي جنهن جو اظهار هاڻي سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ پڻ ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڊگهي لوڊنگ شيڊنگ جاري رهي ٿي ۽ پنجاب ۽ خيبرپختون خواهه ۾ بجلي وڃي ڪونه ٿي، اها هڪ عجيب صورتحال آهي جنهن ۾ سنڌ ڦاٿل آهي،

سنڌ اسميبليءَ جي اهڙي اجلاس ۾ افسوس وارو پهلو اهو به آهي ته ايوان ۾ موجود مخالف ڌر جي پارٽين ۽ ميمبرن وفاق پاران اختيار ڪيل اهڙي روش تي جڏهن سنڌ حڪومت تڪليف جي اظهار ڪيو ته نه صرف سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪئي وئي پر ڪنهن حد تائين سنڌ جي انهيءَ سنگين مسئلي کي نظر انداز ڪندي جهڙوڪر لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو ويو، اهڙي افسوس ناڪ روش خاص ڪري ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبرن اختيار ڪئي، سندن سنڌ جي مسئلن کان لاتعلقي هڪ سواليا نشان آهي، اهو به هڪ سواليا نشان آهي ته اهي ٻئي ڌريون فقط ڪراچي شهر جي مسئلن کي ئي اهم ڇو؟ ٿيون سمجهن.

سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اختيار ڪيل اهڙي موقف هاڻي ته جهڙوڪر سنڌ جي عام ساڃاهه وند ماڻهن کي پڻ ڳڻتيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، وفاق جي ننڍن صوبن سان روش خاص ڪري سنڌ سان روش تي ته اڳ ئي سنڌ ۾ ڪافي تاءُ موجود پئي رهيو آهي، پر جڏهن اهڙي ڳالهه پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي ايوان اعلى ۾ ڪئي آهي ته هاڻي انهيءَ ڳالهه ۾ ڪي ٻه رايا ٿي ئي نه ٿا سگهن ته “”وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ پيو ڪري“.

هاڻوڪي صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ واري آهي جنهن جو نه صرف وفاقي ڌرين، پارٽين ۽ طاقتن کي نوٽس وٺڻ جي ضرورت آهي پر ان سان گڏ رياست جي انهن سمورن ادارن کي پڻ نوٽس وٺڻ جي ضرورت آهي جيڪي رياست ۽ وفاق جي بهتري ۽ استحڪام چاهين ٿيون، ڇو جو هاڻي جڏهن سنڌ مان گذريل چاليهه سالن کان وفاق جي سياست ڪندڙ ، اها پارٽيءَ جنهن وفاق جي استحڪام ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ پنهنجن اڳواڻن جي زندگين سميت هزارين ڪارڪنن جي زندگين جون قربانيون ڏنيون آهن، هاڻي وارو موقف ٻي ڪنهن پارٽيءَ نه پر ان پارٽيءَ اختيار ڪيو آهي، تنهن ڪري ان جي سنگينيءَ کي پڻ سنجيدگيءَ سان وٺڻ جي ضرورت آهي.

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، جنهن ۾ سنڌ پڻ هڪ يونٽ طور شامل آهي، پر گذريل ستر سالن کان هن وفاقي ملڪ جو سياسي عمل اهو ثابت ٿو ڪري ته ننڍن صوبن جي هن وفاق ۾  ڪا به سياسي اهميت نه آهي، جنهن جو اظهار پڻ سنڌ اسيمبليءَ جي هاڻوڪي اجلاس ۾ پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن ڪيو آهي، جڏهن ڪنهن وفاقي ملڪ ۾ سياسي عمل ۽ صورتحال بداعتماديءَ جي انهيءَ مرحلي تي پهچي وڃي ته انهيءَ صورتحال کي انتهائي سنگين صورتحال سان تشبيهه ڏيڻ ۾ ڪوبه رک رکاءُ ڪري نه ٿو سگهي.

اسان انهيءَ موقعي تي پيپلز پارٽيءَ جي اعلى قيادت تي اها تنقيد ڪرڻ ۾ پڻ بجا آهيون ته گذريل پس و پيش پنجاهه سالن کان پيپلز پارٽي وفاق جي سياست ڪندي رهي آهي ۽ سندس سنڌ ۾ حڪومت رهندي پئي آئي آهي، پيپلز پارٽيءَ جي هر اهڙي وفاقي ۽ صوبائي دور ۾ سنڌ سان وفاقي سطح ۽ صوبائي سطح تي جيڪي زيادتون ٿينديون رهيون آهن انهن جو تدارڪ ڪير ڪندو، جن جي ڪري سنڌ هاڻي اچي پنهنجي تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي پهتي آهي.

اربع 21 نومبر 2018ع، 12 ربيع الاول 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ ڪمند جا آبادگار ڪنهن در دانهين..!!

سنڌ جي زرعي معيشت جو جهڙو برو حشر گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان ٿي رهيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے