13 جمعرات , دسمبر 2018

ڪجهه سيڪنڊن ۾ جسم جي ٿري ڊي اسڪيننگ ڏيکارڻ وارو طبي اسڪينر تيار

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ )ماهرن ڀرپور محنت کان پوءِ پوري جس۾ جي اسڪيننگ ڪرڻ وارو “پي اي ٽي“ يا پوزيٽران ايميشن ٽوموگرافي اسڪينر تيار ڪيو آهي جيڪو موجود پيٽ اسڪينر کان 40 سيڪڙو تيز رفتار ۽ رڳو هڪ اسڪين ۾ پوري جسم جو ٿري ڊي ماڊل تيار ڪري سگهي ٿو.جڏهن ته ماهرن  هن  کي “ايڪسپلورر” جو نالو ڏنو آهي جنهن ۾ پي اي ٽي ۽ ايڪس ري ڪمپيوٽر ٽوموگرافي کي ملائي استعمال ڪيو ويو آهي، ڪيترن سالن جي لڳاتار محنت کان پوءِ هن جو پهريون نمونو 2016 ۾ سامهون آيو هو  جيڪو ننڍو هو ۽ ان کان پوءِ انساني قد جي برابر اسڪينر هاڻي تيار ڪيو ويو آهي، هن کي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ڊي وِس ۽ چين ۾ شنگهائي اميجنگ هيلٿ ڪيئر گڏيل طور تي تيار ڪيو آهي، اسڪينر جا حيرت وجهندڙ نتيجا ڏسي ماهر تمام گهڻو خوش ٿي آهن انهن موجب ان کي مريضن جي علاج ۽ تحقيق ۾ ڀرپور  طريقي سان ستعمال ڪري سگهجي ٿو، ماهرن جو چوڻ آهي ته هي حيرت ۾ وجهنڊر تصوير ۽ تفصيل ڏيکاري ٿو پر هن ۾ تصوير جوڙن جو عمل وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو، ۽ هي عام “پي اي ٽي” اسڪينر جي مقابلي ۾ گهڻو اڳتي آهي، ۽ اڄ تائين اهڙو ڪو اسڪينر ناهي ٺهيو جيڪو اهڙي طرح جو تفصيلي جسماني ڊيٽا ظاهر ڪري سگهي، ايڪسپلورر 20 کان 30 سيڪنڊن ۾ پوري جسم کي اسڪين ڪري سگهي ٿو جيڪو روايتي “پي اي ٽي” اسڪينر جي مقابلي ۾ 40 سيڪڙو حساس ۽ تيز آهي، ان لاءِ مريض کي ريڊيائي ٽريشر جو گهٽ مقدار ڏنو ويندو آهي ۽ ان جي بدلي تفصيلي تصوير وٺي سگهجي ٿي، جنهن جي بدولت سالماتي سطح تي به مريض کي ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي، اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته ايڪسپلورر کان بيمارين جي سڃاڻپ ۾ مدد ملندي ۽ شايد بيمارين کي نئي انداز ۾ سڃاڻي سگهجي ٿو، هن اسڪينر جي تفصيل شڪاگو ۾ منقعد ريڊيالوجيڪل سوسائٽي آف نارٿ امريڪا جي سالياني ميٽنگ ۾ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا وارو سمارٽ فون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا سان ليس سمارٽ فون تمام جلدي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے