15 ہفتہ , دسمبر 2018

پاڪستان طرفان ڪشميري اڳواڻ حفيظ الله مير جي شهادت تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير جي سينيئر اڳواڻ حفيط الله مير جي وحشياڻي قتل جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي بربريت سميت تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير جي سينيئر اڳواڻ حفيظ الله مير جي وحشياڻي قتل جي مذمت ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان قابض ڀارتي فوج جي هٿان 3 ڪشميرن جي شهادت ۽ 8 جي زخمي هئڻ جي مذمت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل طرفان ڪشميرين جي حمايت کي ساراهي ٿو ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪميشن طرفان ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن تي تجويز ڪيل ڪميشن قائم ڪرڻ جو فوري مطالبو ڪري ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے