19 منگل , فروری 2019

جنسي هراساني جو الزام، آلوڪ ناٿ خلاف ڪيس داخل

ممبئي(شوبز نيو)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار آلوڪ ناٿ خلاف جنسي زيادتي جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 90 جي ڏهائي ۾ ڀارت جي مشهور ترين سيريل“اتارا” جي پروڊيوسر ۽ ليکڪ ونتا نندا طرفان اداڪار آلوڪ  ناٿ تي جنسي زيادتي جو الزام لڳايو هو جنهن تي آلوڪ ناٿ ليکڪا خلاف ساک متاثر ڪرڻ جي دعويٰ  داخل ڪئي ۽ گڏ ان کان تحريري معافي نامو جي مطالبو ڪيو ويو، ان کان پهريان آلوڪ ناٿ عدالت ۾ هڪ ٻئي درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ چيو هو ته انٽريون  ۾ ان خلاف الزام لڳائي کيس بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ليکڪا کي بيان بازي کان روڪيو وڃي جيئن ته عدالت پاران اداڪار جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، رپورٽ موجب پنهنجي پهرين عدالتي جنگ هارڻ کان پوءِ هاڻي آلوڪ ناٿ خلاف پوليس ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي، ليکڪا ونتا نندا طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو ته اداڪار ان کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ، ٻئي طرف آلوڪ ناٿ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته آلوڪ ناٿ جي طبيعت ناساز آهي هو ان هن بي بنياد الزامن جا جواب ڏيڻ جي قابل ناهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز الدين صديقي جي فلم “فوٽو گراف” جو ٽريلر جاري

ممبئي (شوبز نيوز)حقيقي اداڪاري سبب سڄاتو ويندل ڀارتي اداڪار نواز الدين صديقي جي فلم “فوٽوگراف” …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے