13 جمعرات , دسمبر 2018

تيز ڳاڙها مرچ کائو، عمر وڌايو: تحقيق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) تيز ڳاڙها مرچ کائڻ وارن لاءِ خوشخبري آهي، هڪ تحقيق سان ثابت ٿيو آهي ته مرچ کائڻ جو تعلق ڊگهي عمر سان آهي. ڳاڙها مرچ روزاني بنيادن جي کاڌن ۾ گهٽ وڌ استعمال ٿيندا رهندا آهن، خاص طور تي اولهه جي کاڌن ۾ ذائقي لاءِ ڳاڙها مرچ لازمي هوندا آهن.ڳاڙهن مرچن جو استعمال وزن جي گهٽتائي ۾ مددگار ثابت ٿيڻ سان گڏ هاضمي جي نظام کي تيز ڪندو آهي ۽ ڪنهن به سور کي گهٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي. ڳاڙهن مرچن جي استعمال تي ڪيل هڪ نئين تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جادوئي طور تي نه پر ڳاڙهن مرچن جو استعمال زندگي جي مدت وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. يونيورسٽي آف ورمونٽ ڪي لارنر ڪاليج آف ميڊيسن جي تحقيقدانن جي تحقيق جي موجب تيز ڳاڙهن مرچن جو روزانو استعمال موت جي خطري خاص ڪري دل جي بيمارين يا فالج سان ٿيندڙ موت جي خطري کي 13 سيڪڙو گهٽ ڪري ٿو. هي نتيجا 23 ورهين لاءِ 16000 آمريڪي ماڻهن جي جمع ٿيل ڊيٽا جي بنياد تي جاري ڪيا ويا آهن. هن تحقيق ۾ اهي ماڻهو شامل آهن جيڪي پسيل ڳاڙها مرچ ناهن کائيندا بلڪه ڪيتري ئي مقدار ۾ ثابت تيز ڳاڙها مرچ واپرائندا آهن.تحقيق ۾ 23 ورهين کان پوءِ ڏٺو ويو ته ڳاڙهن مرچن جو استعمال ڪندڙن جي موت جي شرح ڳاڙها مرچ نه کائيندڙ جي مقابلي ۾ بلڪل گھٽ هئي. هن تحقيق تي ڪم ڪندڙن عمر جي ڊيگهه جو تعلق ڳاڙهڻ مرچ سان ناهي جوڙيو پر کين ايترو يقين آهي ته ڪنهن حد تائين هن جو تعلق ڳاڙهن مرچن ۾ موجود عنصر ڪيپسيڪن ۽ جسم ۾ ان جي ريسيپٽر ٽي آر پي چينلز سان ٿي سگهي ٿو. ڪيپسيڪن نالي عنصر اسان جي هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائيندو آهي.اوڪسيڊينٽ جي خوبي آهي ته ڪنهن به انفيڪشن ۽ دل جي بيمارين جي خلاف اثر انداز ٿيندا آهن. جڏهن ته ٽي آر پي چينلز جو مخصوص قسم ٿولهه کان محفوظ بڻائي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا وارو سمارٽ فون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا سان ليس سمارٽ فون تمام جلدي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے