23 ہفتہ , فروری 2019

پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ ملائيشيا سان سهڪار ڪندو: شاهه محمود قريشي

ڪوالامپور (ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ملائيشيا کي جانورن جي خوراڪ ۽ زرعي شيون فراهم ڪندو،  جڏهن ملائيشيا سياحت جي شعبي ۽ آسيان ۾ ڊائيلاگ پارٽنر لاءِ مدد ڪندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملائيشيا جي دوري جي موقعي تي پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا ۾ لاڳاپا بهتري ڏانهن وڌي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ جيڪي فاصلا هئا اهي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته اسان ملائيشيا کي درخواست ڪئي آهي ته هو آسيان ۾ فل ڊائيلاگ پارٽنرشپ ۾ اسان جي مدد ڪري جنهن جي ملائيشيا حامي ڀري آهي ۽ ٻنهي ملڪن طرفان ان ڳالهه کي قبول ڪيو ويو آهي ته اسان جا تعلقات تاريخي طور تي مثالي ناهن رهيا. شاهه محمود قريشي چيو ته هاڻ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري تعلقات قائم ٿي رهيا آهن جڏهن ته ملائيشيا کي زراعت جي شعبي ۾ مدد ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وفدن وچ ۾ ٿيل ڳالهيون ڪامياب رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ اچ وڃ جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ هڪ ايم يو سائن ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ  آفيشل ۽ ڊپولوميٽڪ پاسپورٽ رکندڙن لاءِ ويزا جي بندش ختم ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جو لائن آف ڪنٽرول جو دورو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪري پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے