10 پیر , دسمبر 2018

شگر ملون 30 نومبر تي هلائڻ جو حڪم، پاسما جو ڪمند اگهه 130 رپين کان وڌيڪ ڏيڻ کان انڪار

Chuhar jamali: Sales of small scale readers by squashers due to not meeting the appropriate priceڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ سرڪار پاسما کي 30 نومبر کان شگر ملون هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پاسما جي هوڏ برقرار، سنڌ شگر ڪين بورڊ جو اجلاس ڪالهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پاسما ۽ آبادگارن جي نمائندن پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪيو، ذريعن موجب پاسما جي نمائندن آصف غني، احمد باواني ۽ تارا چند موقف پيش ڪندي چيو ته هو ڪمند في مڻ 130 رپين کان وڌيڪ خريد نه ٿا ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته کنڊ جو اگهه نه ٿو ملي، ٻيو ته سرڪار پاران سبسڊي به نه ملي آهي، هنن چيو ته 130 رپين کان وڌيڪ ڪمند جو اگهه کين واري ۾ نه ٿو اچي، ان ڪري هو وڌيڪ اگهه نه ڏيندا، جڏهن ته ايوان زراعت جي نمائندن قبول کٽياڻ، زاهد ڀرڳڙي ۽ نبي بخش سٺيو، سنڌ آبادگار بورڊ جي عبدالمجيد نظآماڻي ۽ محمود نواز شاهه موقف پيش ڪندي چيو ته گذريل 5 سالن کان ڪمند جو اگهه في مڻ 182 رپيا ڏنو پيو وڃي، پر تيل، ٽريٽڪر، مشينري، ڀاڻ ۽ ٻج جا اگهه گهڻا وڌي ويا آهن، هنن چيو ته قانون موجب پروڊڪشن تي خرچ جو ڪاٿو لڳائي ان تحت اگهه مقرر ڪيو وڃي، ان حساب سان في مڻ اگهه 198 رپيا ٿئي ٿو، جيڪو سندن حق آهي اهو ملڻ گهرجي، ان دوران صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته پنجاب ۾ 180 رپيا في مڻ اگهه مقرر ٿي چڪو آهي،  اجلاس ۾ گهڻو بحث مباحثي باوجود ڌرين ۾ اگهه تي ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ان ڪري اجلاس ۾ ڪمند جواگهه طئه نه ٿي سگهيو، ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد صوبائي وزير اسماعيل راهو 30 نومبر تائين شگر ملون هلائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته 30 نومبر کان پهرين ڪمند جو اگهه مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي زراعت کاتي جي سيڪريٽري آغا ظهير چيو ته شگر ملون 30 نومبر تائين هلائڻ جو طئه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪمند جو اگهه هاڻ حڪومت پاڻ طئه ڪندي ڇاڪاڻ ته پاسما 140 رپين کان وڌيڪ نه ٿي ڏيڻ چاهي ۽ آبادگار 180 رپيا في مڻ ڪمند جو اگهه گهري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فاروق ستار هاڻ سهارو ڳولي رهيو آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپوٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے