12 بدھ , دسمبر 2018

ميگا ڪرپشن جي قانون موجب جاچ ڪري رهيا آهيون: نيب چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) نيب چيئرمين جسٽس (ر ) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته نيب اشتهارين ۽ روپوشن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ ادارو ميگا ڪرپشن جي قانون موجب جاچ ڪري رهيو آهي. قومي احتساب بيورو (نيب ) جي چيئرمين جسٽس (ر ) جاويد اقبال طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بدعنواني جو خاتمو قومي فرض نه پر نيب جي پهرين ترجيح آهي، نيب بدعنواني جون پاڙون پٽڻ لاءِ موثر حڪمت عملي واضح ڪئي، نيب آفيسر بنا ڪنهن فرق جي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. چيئرمين نيب چيو ته نيب اشتهارين ۽ روپوشن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ ادارو ميگا ڪرپشن جي قانون موجب جاچ ڪري رهيو آهي. جسٽس (ر ) جاويد اقبال وڌيڪ چيو ته بدعنواني خلاف ڪاررواين ۾ نيب ڏکڻ ايشيائي ملڪن لاءِ رول ماڊل آهي، نيب پنهنجي جديد فارنزڪ سائنس ليبارٽري قائم ڪئي آهي جنهن سان ثبوتن جي بنياد تي اهم ڪيسن کي آخري انجام تائين پهچائڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته نيب سارڪ اينٽي ڪرپشن فورم جو پهريون چيئرمين آهي، بدعنواني جي شعبي ۾ سهڪار لاءِ چين سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے