11 منگل , دسمبر 2018

ڏکڻ ڪوريا جي ڪم جونگ ينگ کي ٻن سالن لاءِ انٽرپول جو صدر چونڊيو ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ ڪوريا جو ڪم جونگ ينگ کي 2 سالن جي مدت لاءِ عالمي اداري انٽرپول جو سربراهه چونڊيو ويو . پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي حمايت يافته ڪم جونگ انٽرپول جي وقتي صدر طور ڪم ڪري رهيو هو. ڪم جونگ ينگ جو نالو گڏيل عرب رياستن ۾ 1994 ميمبر ملڪن جا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو هو. صدر چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ ڪم جونگ ينگ چيو ته اسان جي دنيا عوامي سيڪيورٽي ۽ تحفظ وارن معاملن تي وڏي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. جن تي ظابطو آڻڻ لاءِ اسان کي هڪ واضح ويزن جي ضرورت آهي ته جيئن مستبقل ڏانهن هڪ رستو ٺاهي سگهجي. 57 ورهين جي ڪم جونگ ينگ 2015 ۾ ريٽائر ٿيڻ کان اڳ 20 ورهين تائين ڏکڻ ڪورين پوليس ۾ خدمتون انجام ڏنيون. انٽرپول جو صدر چونڊجڻ تي ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جي اِن پڻ کيس مبارڪباد ڏني، جيڪو عالمي اداري جو سربراهه مقرر ٿيندڙ پهريون ڏکڻ ڪوريا جو پهريون شهري آهي. واضح رهي ته انٽرپول جي اڳوڻي صدر مينگ هونگوائي کي چين ۾ ڪرپشن جي الزامن هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن جي حوالي سان بعد ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته  هن رشوت وٺڻ کانسواءِ ٻين ڏوهن جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hockey World Cup: Pakistan face Belgium for a place in quarterfinal today

هاڪي عالمي ڪپ: ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پاڪستان جو اڄ بيلجيئم سان مقابلو

ڀوبنيشور ( اسپورٽس نيوز ) ڀارتي شهر ڀوبنيشور ۾ هاڪي عالمي ڪپ جي ناڪ آئوٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے