15 ہفتہ , دسمبر 2018

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

Chambar: the teachers and the students took out the rally in celebration of Independence Dayلاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتي جيڪا 24 نومبر تي فائيل ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نيب لاهور جي ٽيم آيشيانه اقبال اسڪينڊل بابت نيب چيئرمين کي بريفنگ ڏني جنهن کانپوءِ شهباز شريف سميت 4 ڄڻن خلاف ريفرنس 24 نومبر  تي فائيل ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ريفرنس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف اختيارن جو غلط استعمال ڪندي خانگي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، شهباز شريف وڏي وزير طور غير قانوني طور تي پي ايل ڊي سي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي طاقت جو غير قانوني استعمال ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي شريڪ جوابدار فواد حسن فواد سان گڏيل ملي ڀڳت سبب ميرٽ تي ايندڙ ڪمپني جو ٺيڪو رد ڪرايو ويو، ان کان علاوه جوابدار مبينا طور تي من پسند ڪمپني کي غير قانوني منافعو ڏيڻ جي غرض کان ٺيڪو رد ڪرايو ۽ ان ڪمپني مان غير قانوني طور تي مالي فائدا حاصل ڪيا، شهباز شريف 21 آڪٽوبر 2014 تي آشيانا اقبال پراجيڪٽ جو ٺيڪو پي ايل ڊي سي کان ايل ڊي اي کي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، انهن قدمن سان پي ايل ڊي سي جي وجود جي نفي ٿيندي نظر آئي ۽ حڪومتي خزاني کي ڪروڙن جو نقصان پهتو. ريفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدار شهباز شريف غير قانوني طور تي ئي ايل ڊي اي کي ٺيڪو منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏياري جڏهن ته ان وقت جو ڊي جي ايل ڊي اي احد خان چيما هو، اهڙي طرح پبلڪ پارٽنرشپ جي تحت ٺيڪو منظور نظر ميسرز بسم الله انجنيئرنگ کي ڏنو ويو جيڪا پيراگون جي پراڪسي ڪمپني هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے