22 جمعہ , فروری 2019

زبان تي قابو رکڻ نبي پاڪ ﷺ جي سنت آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته رياست تي يتيمن جو خيال رکڻ ۽ عوام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لازمي آهي ۽ حڪومت عوام جون ضرورتن کي پورو ڪيو ڄڻ سنت نبويﷺ تي عمل ڪيو. اسلام آباد ۾ عالمي رحمت اللعالمين ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر مملڪت عارف علوي چيو ته نبي صلي الله عليه وسلم رحم ڪندو هو پر اڄوڪي دنيا ۾ رحم نظر نه پيو اچي، حضور اڪرمﷺ کي پٿر هنيا ويا ته هن معاف ڪري ڇڏيو، موجودا زماني ۾ مسلمانن ۾ برداشت ۽ درگذر ڪرڻ وارو دستور ناهي. نبي صلعم جي واتان ڪڏهن به ماڻهن کي تڪليف پهچائيندڙ لفظ نه نڪتا، نپي پاڪ ﷺ رحم ڪرڻ جو درس ڏنو، نبي پاڪ ۾ جيترو صبر ۽ درگذر هو ڪاش مون به اچي وڃي. صدر عارف علوي چيو ته منهنجي نبي صلعم ۾ جيترو صبر ۽ درگذر هو ڪاش منهنجي اندر ۾ اهڙو ئي صبر اچي وڃي ته جيئن مونکي رحم ڪرڻ جو پتو پوي، جيستائين رسول الله ﷺ کي اختيار نٿو ڪيو وڃي تيستائين مذهب مڪمل نٿو ٿئي، رسول صلعم مذهب جي باري ۾ سيکاريو آهي ته منهنجو ٻين انسان سان ڪهڙو تعلق هجي، ملڪ جي روڊن صورتحال ڏسي تڪليف ٿئي ٿي اسان سڀ ناموس رسالت ﷺ تي جان ڏيڻ وارا آهيون، پر نبي پاڪ جي اسوه تي عمل نه ڪري، جن شهرين جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويندو آهي ۽ موٽر سائيڪلون ساڙيون وينديون آهن انهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے