13 جمعرات , دسمبر 2018

بابا گرونانڪ جي 549 هين جنم جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سک پانڌيئڙن جي پاڪستان آمد

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سک مذهب جي باني بابا گرونانڪ ديو جي جنم ڏينهن واريون تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ڀارت سميت سموري دنيا مان سک پانڌئيڙن جي پاڪستان آمد شروع ٿي وئي. بابا گرونانڪ جي 549 هين جنم ڏينهن وارين تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سک ياتري خاص ٽرين ذريعي واهگا اسٽيشن پهتا جتي پاڪستان اختيارين ۽ گرودوارا تي بندهڪ ڪميٽي سندن آڌرڀاءُ ڪيو. ٻئي پاسي پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد فيصل جو چوڻ آهي ته عيدميلاد النبي جي موقعي تي سک پانڌيئڙن جي پاڪستان آمد تي کين ڀليڪار چئون ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته رڳو نئين دهلي جي اسان جي هاءِ ڪميشن 3500 مان وڌيڪ سک ياترين جون ويزائون جاري ڪيون، سک پانڌيئڙا بابا گرونانڪ جي 549 هين جنم ڏينهن وارين تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ننڪانا صاحب اچي رهيا آهن جتي 21 کان 30 نومبر تائين تقريبون جاري رهنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان، مراد علي کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مراد سعيد کي وفاقي وزير مقرر ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے