15 ہفتہ , دسمبر 2018

اڄ تائين ملڪ ۾ گروننس سسٽم ناهيون ڏئي سگهيا: عمران خان

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ اڄ تائين گورننس سسٽم ناهيون ڏئي سگهيا. ماضي ۾ اسان جي ملڪ تيزي سان ترقي ڪرڻي هئي، قومون ترقي ۽ زوال کي منهن ڏينديون رهنديون آهن. هن ملائيشيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي ماضيءَ ۾ ملائيشيا جا ماڻهو تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ايندا هئا، مهاتير محمد گهٽ وسيلا هئڻ باوجود ملائيشيا کي ترقي جي بلندين کي پهچايو. سندس چوڻ هو ته ملائيشيا ۽ پاڪستان جي صورتحال ۾ وڏو فرق آهي ۽ خاص ڪري ٻنهي ملڪن جي برآمدات ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.  هن چيو ته پاڪستان ۾ ملائيشيا کان وڌيڪ وسيلا موجود آهن ۽ سموري دنيا کان گهڻو وڌيڪ ٽيلنٽ موجود آهي ۽ ڪنهن ملڪ ۾ ايتري طاقت ناهي جيتري پاڪستان ۾ آهي پر اهو ملائيشيا جي خوش قسمتي آهي جو ان کي مهاتير محمد جهڙو ليڊر مليو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي قيادت ۾ فرق آهي. 12 ربيع الاول بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ عيد ميلاالنبي ﷺ آحي اڄ اسان کي ياد ڪرڻو آهي ته پنهنجي نبي کي، ڪيئن ان ڪمزورن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انسانيت جو درس ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے