14 جمعہ , دسمبر 2018

رپورٽ : نامياري سياستدان مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي ٽين ورسي

ملڪ جي نامياري سياستدان ۽ پ پ پ پارليامينٽيرين جي اڳوڻي صدر، مخدوم خاندان جي سرواڻ مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي اڄ  ٽين ورسي نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي.

مخدوم محمد امين فهيم 4 اگسٽ 1939 تي ، مخدوم محمد زمان طالب المولي جي گهر ۾ اک کولي ان وقت برٽش راڄ هو.

مخدوم امين فهيم پرائمري تعليم هالا مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جو امتحان بھ هالا مان ئي پاس ڪيو، ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان مخدوم امين فهيم  1961 ۾پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلر جي ڊگري حاصل ڪئي.

سنڌ جي ٻين سياسي گهراڻن جي اولاد جي ابتڙ مخدوم امين فهيم پرائمري کان گريجوئيشن جي تعليم هالا مان حاصل ڪئي ۽ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ باوجود هن وڪالت جو پيشو اختيار نه ڪيو. کيس سنڌي کان سواءِ انگريزي، اردو ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل آهي.

 سياست سان گڏ شاعري به کيس ورثي ۾ ملي آهي، سندس ڏاڏو مخدوم امين به وڏو شاعر هو ۽ سندس والد مخدوم طالب الموليٰ جي شاعريءَ جو ته انداز ئي نرالو آهي، مخدوم امين فهيم جا ٻه شعري مجموعا شايع ٿي چڪا آهن ۽ سندس مجموعي”پيغام“ کي بي حد ساراهيو ويو.

شاعري ۾ هو پنهنجي والد جو شاگرد آهي، هن علمي ۽ ادبي گهراڻي جو شعر ۽ شاعري سان دلچسپيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهو ٿا ته امين فهيم جي شاديءَ جي موقعي تي ٻين رسمن سان گڏ ”آل سنڌ مشاعرو“ به منعقد ٿيو ۽ ان مشاعري ۾ پڙهيل شاعري ڪتابي شڪل ۾ به شايع ٿي چڪي آهي.

شاعر حسن پرست نه هجي ته سندس شاعري به ڦڪي لڳندي، مخدوم امين فهيم جي حسن پرستي جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن چار شاديون ڪيون ۽ سندس چار ئي زالون مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن.

مخدوم امين فهيم  پهرئين شادي 19 سالن جي عمر ۾ 21 جون 1957ع ۾ ڪئي،  ٻي  شادي بنگالي گلوڪاره رونا ليلا جي ايئر هوسٽس ڀيڻ دينا ليلا سان ڪئي جيڪا ڪجهه سالن کان پوءِ وفات ڪري وئي. سندس ٽين شادي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ ۽ چوٿين پنجاب سان واسطو رکندڙ خاندان مان ٿي.

مخدوم امين فهيم سياسي زندگي جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي ڪئي ۽ هو پهريون ڀيرو 1970ع وارين چونڊن ۾ ٺٽي مان ايم اين اي چونڊيو ، ان کان پوءِ هو 1977، 1988، 1990، 1997، 2002 ۽ 2008ع جي چونڊن ۾ هالا – مٽياري جي  تڪ  تان ايم اين اي چونڊيو  ويو، ضياءَ جي دور ۾ پارٽي فيصلي تحت هو 1985ع  جي عام چونڊن ۾ اميدوار نه هو.

مخدوم امين فهيم ملڪ جو واحد سياست دان آهي، جنهن کي حڪومت، مخالف ڌر ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ هڪ جهڙي ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.

ضياءُ الحق جي دور کان وٺي وزيراعظم جو عهدو سندس پويان هو پر هو پارٽي سان وفادار رهيو ۽ جڏهن هن وفائن جو صِلو طلبيو ته اقتدار جي ديوي يوسف رضا گيلاني مٿان مهربان  ٿي  ۽ ڊگهو وقت ناراضگي ۽ گوشانشيني کان پوءِ هن واپار واري وفاقي وزارت قبول ڪئي.

مخدوم امين فهيم وزيراعظم نه ٿيڻ باوجود ملڪي سطح تي سندس سياسي قد ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي، هو محترمه بينظير ڀٽو جو انتهائي ڀروسي جوڳو ماڻهو هو .

 کيس راڳ رنگ، شاعري ۽ شڪار سان خاص دلچسپي هئي، هو روايتي پير ناهي ۽ سروري جماعت جا مريد کيس ملڻسار مرشد طور مڃيندا هئا.

مخدوم امين فهيم  ”سياست جي ڪري شاعري قربان ڪئي، هو چوندو هو تھ  ”شاعري سندس پهريون عشق آهي، کيس  مولانا رومي، شاهه سائين ۽ سچل جي شاعري تمام گهڻي پسند هوندي هئي.

مخدوم امين فهيم کي  ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ جو اولاد آهي.

مخدوم امين فهيم  21 نومبر 2015ع تي وفات ڪئي ۽ پنهنجي حقيقي الاهيءَ وڃي مليو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج

ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج ڪيو غلام الله چانگ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے