11 منگل , دسمبر 2018

پاڪ فوج وطن جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ هر وقت حاضر آَهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته اسان سخت جسم ۽ پيشاور فوج آهيون ۽ پاڪ فوج وطن جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ هر وقت حاضر آهي.پاڪ فوج جي اطلاعات کاتي ( آءِ ايس پي آر) جي موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا لائين آف ڪنٽرول جو دورو ڪيو جتي جنرل آفيسر ڪمانڊ نگ سندس لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.آئي ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف کي ڀارتي فوج جي سيز فائر جي خلاف ورزيون ۽ پاڪستان جي جوابي ڪاروائيون کان آگاهه ڪيو ويو. آئي ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي مورل کي به واکاڻيو.آئي ايس پي آر جي مطابق جنرل قمر جاويد باجوا ڀارتي فوج جي ڪاروائين جي متاثرن ڪشميرين جي به تعريف ڪئي. ان موقعي تي جنرل قمر باجوا  جو چوڻ هو ته ڪجهه عرصي کان ڀارت طرفان  سيز فائر جي ڀڄڪڙيون وڌيون آهن ۽ ڀارتي فوجي قيادت جي طرفان  جارهاڻا بيانن ۾ به واڌ ٿي آهي. آرمي چيف چيو ته اسان ملڪ جي بچاءَ لاِءِ هر وقت حاضر آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چينيڌ سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے