11 منگل , دسمبر 2018

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي حملن جو مرڪزي ڪردار ڀارتي شهري هيو، اجمل قصاب جو ڀارتي ڊوميسائيل سامهون   اچي ويو، تفصيلن موجب قصاب پاڪستاني نه آهي ڀارت جي رياست يوپي جو رهندڙ نڪتو ، اصل ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي ڀارتي اختياريون بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا . سچ سامهون اچڻ تي ڀارتي حڪومت جلدي ڪندي اجمل خان جو ڊوميسائيل رد ڪري دستاويز ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. سچ سامهون اچڻ تي لاڳاپيل ريونيو آفيسر کي عهدي تان لاهي ڇڏيو . ممبئي حملن جي مرڪزي ڪردار جي حقيقت کلڻ تي ڀارتي ميڊيا کي به نانگ ڏنگي ويو، سڀين وادقعن جو ذميدار پاڪستان کي چوڻ وارا ڀارتي ميڊيا ڏوهين وانگر  چپ ڪري ڇڏي. خبر پئي آهي ته اجمل قصاب جو ڊوميسائيل ٺهڻ کان پهريان لڳ ڀڳ 20 مختلف دستاويز نه ٺهيا ، ڇو ته ڀارت ۾ ڊوميسائيل ٺهرائڻ لاءِ 11 دستاويز گھربل هوندا آهن، جنهن ۾ شناختي ڪارڊ ، ووٽر سرٽيفڪيٽ ، پاسپورٽ ، ڊرائيونگ لائيسنس ، راشن ڪارڊ ، بجلي جو بل ، گھر ۽ پاڻي جي ٽيڪس جو بل ، بئنڪ جي پاس بڪ ۽ ٻيا دستادويز شامل آهن. ڀارت ممبئي حملن کانپوءِ اجمل قصاب کي ان حملن جو ماسٽر مائينڊ ۽ پاڪستاني شهري ٻڌايو ويو . پر حملي جي ڏهن سالن کانپوءِ سچ سامهون اچي ويو ۽ اهو ماسٽر مائينڊ اتر پرديش جو نڪتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے