14 جمعہ , دسمبر 2018

آئي ايم ايف کان ڇوٽڪاري لاءِ معاشي سفارت ڪاري جو  سهارو وٺڻو پوندو: پرڏيهي وزير

ڪوالا لمپور : (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملائشيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان ڳالهائيندي چيو ته آئي ايم ايف کان ڇوٽڪاري لاءِ معاشي سفارتڪاري جو سهارو وٺڻو پوندو. شاهه محمود قريشي چيو ته حلال ڪمائي موڪلڻ وارن ۽ ڦريل دولت ٻاهر موڪلڻ وارن ۾ فرق نه ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ملائشيا ۾ رهندڙ پاڪستان هر سال 1 ارب ڊالرر کان وڌيڪ رقم موڪليندا آهن. پرڏيهي وزير جو چون هو ته پرڏيهي اووسيز کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ، روزگار جي لاءِ تعاون ڪندو، ان جو قدر ڪرڻ گھرجي جيڪو رت پگھر جي حلال ڪمائي پاڪستان موڪلين ٿا. ملائشيا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سندس چيو ته پاڪستان ۽ ملائشيا جي رابطا بهتري  ڏانهن وڄي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي دوري کي موٽ ملي ، ملائشيا سان وفد جي سطح تي مذاڪرات سٺا رهيا، پاڪستان ۽ ملائشيا جا مفاد هڪ جهڙا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے