10 پیر , دسمبر 2018

رپورٽ: نوابشاهه: ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي

نوابشاھ  ۾  ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن پاران ٻارن جي عالمي ڏڻ جي موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي.

سڄي دنيا جيان نوابشاهه جي گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول جي آڊيٽوريم ۾ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن چائلڊ رائٽس ايڊووڪيسي نيٽ ورڪ، چائلڊ رائيٽس مومنٽ، شاهه سچل سامي ويلفيئر ايسوسي ايشن ۽ ٻين پاران تقريب ڪوٺائي وئي

تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد ابراد احمد جعفر چيو ته ٻار مستقبل جا معمار هوندا آهن ۽ انهن کي بهتر تعليم، تربيت ڏيڻ رياست ۽ لاڳاپيل ادارن جو بنيادي فرض آهي،

 هنن چيو ته جيڪڏهن  ٻارن کي تعليم ۽ تربيت جا موقعا فراهم ڪيا ويا ته اُهي پنهنجي صلاحيت کي اجاگر ڪري سگهندا

پ پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو چيو ته جنهن معاشري ۾ گلن جهڙا ٻار پنهنجي بنيادي حقن کان محروم هوندا آهن اُهو معاشرو ترقي جي منزل طئي نه ڪري سگهندو،

 هن چيو ته ٻارن کي تعليم جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ رياست جي اهم ذميواري آهي جنهن بعد استادن ۽ والدين جو ڪردار ٻارن جي ڪردار سازي ۾ اهم هوندو آهي،

ايس ايس پي موٽر وي سجاد حسين ڀٽي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي سرزمين جيتري زرخير آهي اُترائي هتان جا ٻار ذهين، قابل ۽ تخلقيقي صلاحيتن جا مالڪ آهن، رڳو انهن ٻارن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضروت آهي.

ان موقعي تي مختلف سرڪاري اسڪولن جي شاگردياڻين ٿر جي غريب ٻار، ٻارن جي جبري پورهئي، تعليمي نظام ۽ حب اوطني جي موضوع تي ذبردست خاڪا ۽ ٽيبلوز پيش ڪري داد وصول ڪيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: وائيس فار مسنگ پرسنس سنڌ پاران ملير کان ٻن ڏينهن وارو مارچ شروع، رستا روڪ

انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے