10 پیر , دسمبر 2018

رپورٽ:گاجي کهاوڙ: جشن عيد ميلاد النبي جو ڏهاڙو عقيدت سان ملهايو ويو

آمد حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ۽ عيد ميلادالنبي جي ڏينهن تي گاجي کهاوڙ مان سيد صالح شاه جي درگاه تان شاندار ريلي ڪڍي وئي

ريلي ۾ مرحبا يا مصطفيٰ مرحبا يا مصطفيٰ نعرا هنيا ويا، عاشقان رسول خوشي ۾ جهومندا رهيا.

 هر طرف خوشي جهڙو ماحول.

عيد ميلادالنبي جي ڏينهن تي گاجي کهاوڙ سيد صالح شاه جي درگاه تان شاندار ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي بس اسٽاپ تي پهتي جتي ريلي مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي.

عاشقان رسول پاران نعتن تي جهمريون هنيون ويون

ٻئي طرف بس اسٽاپ تي اهل سنت جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄ دنيا تي محمد مصطفيٰ صلعم آيو هي ڏينهن اسان کي عيد کان وڌيڪ ملهائڻ گهرجي.

 هنن چيو ته اسان اڄ سڀ مسلمان خوش آهيون ۽ سڀني کي خوش به ٿيڻ گهرجي. هي سموري ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ صلعم جي صدقي ۾ ٺهي ۽ ان جي ڪري ئي هلي ٿي.

 حضرت محمدصلي الله عليه وآليه وسلم جي هن دنيا ۾ اچڻ سان پوري عالم انسانيت کي هڪ روشن رستو مليو.

 هنن چيو ته محمد مصطفيٰ جي ڏسيل واٽ تي هلون ته جيئن سٺي زندگي گذاري سگهون. جنهن کانپوء ريلي ميھڙ -واره روڊ، ڪنڀر محلا لاشاري، شهر جي مين بازار، الحسيني چونڪ ۽ ٻين رستن کان ٿيندي ساڳي ئي سيد صالح شاه جي درگاه تي پڄاڻي تي پهتي

جڏهن ته رستن تي لنگر ۽ سبيلن جو احتمام پڻ ڪيو ويو هو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي اردو تحقيقي ڪتاب “ سنڌي ثقافت ڪا نيا دور” جي مهورت

ناميارن ليکڪن، شاعرن،  اديبن ۽ محققن چيو آهي ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سنڌي ثقافت تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے